ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،
تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتِ سامُونڊِيَنِ جِي.
سمجهاڻي
او ويسري، بي خبر، تون تڙ تي ويٺي آهين ۽ هاڻي اجايو وقت پيئي (ضايع ڪرين) گذارين. تو سامونڊين جي ساٿ کي ڪيئن وساري ڇڏيو (غفلت ڪيئي جو هو توکي ڇڏي هليا ويا).
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अञा असारी। मथे तड़ गुज़ारियें।
तो कीअं विसारी। संगति सामूंडियनि जे।
ROMAN SINDHI
Anja asaarey, mathey tarh guzaarein,
Tow keiyen wisaarey, sanGhat samundhein jee.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection