ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي وايين وڃڻ جين جو بيت
اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
سمجهاڻي
هنن ٻيڙين جا اولا (ڳن) کنيا ۽ لنگر کڻي سمنڊ ۾ روانا ٿي ويا. او امڙ، سامونڊي جنھن دور ديس وڃي رهيا آهن، اتي پھچڻ جوکي وارو آهي. (آءٌ انهيءَ اميد تي پيئي جيان تہ) هو وري ڪڏهن (ضرور) واپس ورندا ۽ هنن اکين سان آءٌ کين وري ڪڏهن ڏسي سگهنديس.
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1541
اُوْلَا کَنِيْ اُوْءِ پَکَهْ کي ڇُوْرٖيْ پَنڌِ ٿِئَا﮶
آَيَلِ سَامُوْڊِيَنِجِيْ آَهٖيْ اَرَانکِيْ جُوْءِ﮶
ڪَڎِہْ ڎِسَدِيَسِ رُوْءِ وَرِيْ هِنِ اَکِيُنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ओला खणी ऊए। पग॒ह छोड़े पन्धि थिआ।
आयलि सामूंडियनि जी। आहे अड़ांगे जूइ।
कडि॒हीं डि॒संदियसि रूइ। वरी हिनि अखियुनि सें।
ROMAN SINDHI
aolaa khhanni oo'ay, paggah'a chhorray pandh'ay thi'aa,
aayal'ay SaamoonDiyan'ay ji, aahay arraangi joo'ay,
kaddi'hee'n ddisandees'ay roo'ay, wari hin'ay akhhiyun'ay see'n.
TRANSLATIONS
They picked up the oars, released the hawser and hoisted the sail. O mother! The arena of the seamen is hazardous. I wonder if and when I will be able to set my eyes on them again.
چوں می گویم مسلمانم بلرزم
کہ دانم مشکلات لاالٰہ را
(Iqbal)
When I profess that I am a Muslim, I merely tremble, because I am conscious of the implication ofلا الله .
Untying the ropes they took up oars and proceeded to the sea,
O mother, their journey is very hazardous,
When would I again see their faces with these eyes?
پھڑ کے چپو لنگر چُکی ، ٹرگئے ساتھی میرے
ہن اوہ ہسن وچ طوفاناں، ہائے مشکلاں گھیرے
ہائے کدوں میں مُکھ اونہاں دا نال اکھیاں ویکھاں
وہ کھولے بادباں چپو اٹھائے
گئے ایسے کہ پھر واپس نہ آئے
رکے ہیں کون سی منزل میں تاجر
خدا جانے وہاں کیا دکھ اٹھائے
کھولی نیا ڈوری، تھام لیے ہیں چپو،
اِن کو مشکل گھاٹ ہے جانا، پھرا ساگر ہر سُو،
بنجارہ وہ مہرو، جانے کب صورت دکھائے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection