ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي سيءَ ۽ جهيڙا جو بيت
اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ اُڏايان،
ٻيڙِياتا ٻيڙِيُنِ ۾، پِئا ڀُڻَنِ سَڀَيئِي،
سامُونڊِي سيئِي، جَنِ واھَڻَ کَٿُورِيءَ واسِئا.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अचनि उहेई। जनि लाए कांग उडा॒यां।
बे॒ड़ियाता बे॒ड़युनि में। पिआ भुणनि सभेई।
सामूंडी सेई। जनि वाहण खथूरीअ वासिआ।
ROMAN SINDHI
Achan uheiyee, jinn laaey kaang udaayaan,
Berhyaanaa bherhyen me, puaa pataan sabheiye,
Samundhe seiyee, jinn waahnn khathowrey waasiaa.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection