ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي ڳرڻ ۽ چنتا جو بيت
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
سمجهاڻي
(سامونڊي ٻيڙن جي سفر کان واپسي) ٻيڙن جا مٿي چڙهيل سڙه صاف نظر پيا اچن ۽ انهن ٻيڙن جا ناکئا وڏي شان سان (فاتحانہ انداز ۾) ٻيڙن ۾ چڙهيا ويٺا آهن. هو ڏاڍي ڏکي ۽ اڀي سير وٺيو پيا اچن، اي مالڪ، شل تون انهن کي ڪاميابيءَ سان پار پھچائج.
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1531
اَچَنِ سِرَ اُپَرِئَا مَٿِنِ مُھَانَا مِيْرَ﮶
جٖيْ سَرَنِ تُھْجٖيْ سِيْرَ سٖيْ پَارِ لَنکَاے﮼ پَھِيَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अचनि सिड़ह उपड़िआ। मथिनि मुहाणा मीर।
जे सरणि तुंहिंजे सीर। से पारि लंघाईं पहीड़ा।
ROMAN SINDHI
Achan sarh'h uprhiaa mathaan Muhaana Meer,
Jey saran'n tuhanjhe seerah, sey paar langhaa'ein pehraa.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection