ٻيا بيت
- سُر سريراڳ جَي اجگر لھرين ۽ جھاز جو بيت
آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.
سمجهاڻي
اي ناکئا! خبردار ٿيءُ ۽ هيڏي هوڏي ڏس جو اونهي پاڻيءَ جي تيز وهڪري (گرداب) جي بلڪل سامهون اچي پھتو آهين. سمنڊ جي ڇولي (ساھ کڻڻ) چڙهڻ سان وڏا ٻيڙا بہ ٻڏي چڪا آهن. اي ملاح، انهن ڪُنن کان (هر حال ۾ ٻيڙيءَ کي) پري ۽ پاسي ٿي هلائڻ طرف ڌيان ڪر (تہ تنھنجو بچاءُ ٿئي).
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1360
آَهِي﮼ آَرَ اَکِنِم﮼ نَاکُوْئَا ڪِجِ نِکَاہَ﮶
وَڎَا ٻٖيْرَا ٻُوْرِئَا سَائِرَ ڎٖيْئِيْ سَاہَ﮶
مُلَاحِظُوْ مَلَاحَ ڪِجِ ڪُوْ اِنَهٍ ڪُنَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आहें आर अखियुनि में। नाखुआ किजि निगाह।
वडा॒ बे॒ड़ा बो॒ड़िया। साइर डे॒ई साह।
मुलाहिज़ो मलाह। किजि को इनिहीअ जो।
ROMAN SINDHI
Aheen Aar akhiyun me, nakhua kij nigah'a,
WaDa Berra Borriya, saair Deyi saah'a,
MulaHiZo mallah'a, kij ko inhee'a kun'a jo.
TRANSLATIONS
O boatman! The eddy watches you avariciously. Be on the alert. The swollen sea has sunk many a galley with one whirl. O sailor! Be on your guard against this particular eddy.
مشتراکہ سیلابِ فنا در پیش است
(Beware! The deluge of destruction is ahead of you).
مقابل ہست گرداب ای جہاندیدہ نگاہش کن
کہ کشتی و سفینہ را ہمین غرقاب گرداند
تو ملاح و جہاندیدہ، جوان ہمت بہ کار خود
کنی گر ہوش، ناممکن ترا گرداب گرداند
مار ہیٹھ ھے بیڑی تیری غفلت چھوڑ مہانے
اینہاں طوفاں نال اندر ڈبے کئی جہاز ستانے
اِس بھنور دا کر مُلا حزا ڈر خطرے سبھ جاچیں
تلاطم خیز موجوں کے شناور
شعور قعر دریا رکھنے والے
بھروسہ کر خدا کی رحمتوں پر
سفینہ کر حوادث کے حوالے
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection