ٻيا بيت
- سُر سريراڳ جَي صراف ۽ جوھري جو بيت
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
سمجهاڻي
اهي املهہ (موتي) اهڙن پارکن کي نہ ڏيکار جن وٽ مَٺ (هٿراڌو ملاوٽ) جي سڃاڻپ بہ ڪانهي. بلڪہ ماڻڪ موتي انهن جوهرين کي ڏيکار يا انهن وٽ کڻي وڃ، جيڪي (واقعي) انهن جي شناس ۾ مھارت رکن ٿا. (توکي خبر آهي تہ) جيڪي سون جي سڃاڻپ ڪري ڄاڻن ٿا، اهي (ڪسوٽيءَ جي آڌار تي) ڪوڙي چانديءَ (کوٽ) کي (فوري طور سڃاڻي) رد ڪري ڇڏين ٿا.
[رومي مثنويءَ ۾ سون جي سڃاڻپ لاءِ ڪسوٽيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
زر قلب و زرينکو در عيار،
بي محک هرگز نداني ز اعتبار.
(دفتر اول، ب-299)
معنيٰ: کوٽ مليل سون ۽ سچي سون جي پرک ڪسوٽيءَ کان سواءِ اعتبار جوڳي ناهي.]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1336
اَمُلُ آَڇِہ مَاُنِکٖيْ جٖيْ نَپَرُوْرِيْنِ مَتِ﮶
جِةِ کَڎِجٖيْئِيْ جُوْهَرِيْ مَانِڪُ تِتِهٍ مَٽِ﮶
جَنِ سُوْنَس﮼ سَٽِ تَنِ هَنِيْ رِيُ رَدِ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अमुलु आछि म उनिखे। जे न परूड़ीनि मति।
जिति गडि॒जई जवहरी। माणिकु तितहीं मटि।
जनि सोन सें सटि। तनि हणी रीउ रदि किओ।
ROMAN SINDHI
Amul'u Aachh ma un khe, je na paroorreen mat,
Jit gaDjaee joharee. mannik'u titheen matt,
Jan son'a seen satt, tan hannee ree'u rad kiyo.
TRANSLATIONS
Do not offer valuable pearls to those who are inept and who cannot distinguish pearls from trash. You must offer them for exchange to jewellers when you come upon them. Those who constantly deal in gold (or gems), would reject the spurious metal. (Such persons are not interested in worldly matters).
Offer not pearly to those who know not their wroth,
Exchange them only when you their connoisscur find,
Those who deal with gold, all base metals dislike.
Don't offer the priceless to those who cannot distinguish the real from the artificial,
Barter these pearls there, where you meet the real jewelers,
Those who deal in gold reject base.
لا تقدمي اللآلي الغالية للذين لا يعرفون هذه التجارة.
حيثما تحصل الجوهري إتجر باللآلي.
الذين يتجرون بالذهب هم بطلوا الكذب والزور.
تُو دُرِّ بی بہا را نزد نا قدران نبر ہرگز
بشو با جوہری مائل کہ قدرش جوہری داند
بداند ہر کہ اصل و نقل دا سودا بہ او باید
بگیرش بمی کہ رمزِ کمتری و برتری داند
انملے موتی دئیں ناہیں جو ناقدر پچھانن
لبھیں جوہر جاکے اوہو نرخ صحیح جو پاون
کرن ونج سونے دا جیہڑے کوڑ کھوٹ رد کرکے
وہی سمجھے گا حسن کا معیار
جوہرِ خاص کو جو پہچانے
کس کو کہتے ہیں گوہر نایاب
اس حقیقت کو جوہری جانے
دے مت بے قدروں کو، یہ موتی انمول،
قدر جو جانیں موتی کی تو، اِن سے موتی تول،
کھولیں جھوٹ کا پول، سچ کے وہ بیوپاری۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection