ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمهو،
رِڪابين پيرانِ، واڳُنِ مَٿي ھَٿَڙا.
سمجهاڻي
اي اکيون، اڄ (رات) جاڳو ۽ هرگز ننڊ نہ ڪريو، جو محبوب جي اچڻ جي مھل ٿي آهي. (منھنجي دل ٿي چوي تہ) محبوب گهوڙي جي رڪيب ۾ پير وڌا آهن ۽ واڳون سندس هٿن ۾ آهن.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ अचण वेरानि। जागो॒ नेण म सुमहो।
रिकाबें पेरानि। वागु॒नि मथे हथड़ा।
ROMAN SINDHI
Ajj'u achan'a veeran, jaggo nainn'a ma sumho,
Rikabeen peran, waaggun mathy hathrra.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection