ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي جيھا جي تيھا جو بيت
آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا،
ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ،
ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ،
وَرُ هَلاکِي سين حَقَ، کوءِ وَڏايُون وِڙَنِ جُون.
سمجهاڻي
اي سومرا سردار، آءٌ تنھنجن انبن کي پنھنجي ملڪ ملير جي اَڪَنِ جي برابر ٿي سمجهان ۽ پنھنجي وطن جي کٻڙن جي خوشبوءِ کي تنھنجي (مشڪ جي) خوشبوءِ کان وڌيڪ ٿي ڀانيان. آءٌ پنھنجي پيٽ کي (چڙ مان) پئي مُڪون هڻان تہ تنھنجي ماکيءَ کان وڌيڪ مٺا منھنجي مُلڪ جا پيرُون (مَڪَ) آهن. شل آءٌ ڪوڪڙ ڪوڍيرن ۾ وجهي صاف ڪري ان جا ڦڪَ ڀريان. (اي عمر!) پنھنجي مڙس سان ڏکيو گذران غير مردن سان خوش گذارڻ کان وڌيڪ ڀلو آهي. ڀلي اهو وڃي کڏ کوھ ۾ پوي!
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3361
عَامَا ڀَايَان اَڪَ کَٻَرَ کَٿُوْرِيَان وِتَرَا﮶
ڪُٽِيَان پِٽِيَان پٖيْٽَکٖيْ مَاکِيَا مِٽِيْ مَڪَ﮶
ڪُوْڪَرِ ڪُوْڌٖيْرِنِم﮼ ڤُوْڪِئُوْ ڀَرِئَان ڤَڪَّ﮶
وَر هَلَاکِيْ سٖيْ حَقَّ کُوْءِ وَڎَاءٌ وِرَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आमां भांयां अक। खब॒ड़ खथूरिआं वितरा।
कुटियां पट्यां पेट खे। माखियां मिठी मक।
कूकड़ु कुढेरनि में। फोकियो भरियां फक।
वरु हलाखी सें हक़। खोए वडा॒यूं विड़नि जूं॥
ROMAN SINDHI
amaa'n bhaanyaa'n ak'a, khhaBarr'a khhathoori'aa'n witaraa,
kuttiyaa'n pattiyaa'n pett'a khhay, maakhhiyaa'n mithhi mak'a,
kookarr'u kodhheran'ay mayn, phokiyo bhariyaa'n phak'a,
war'u halaakhhi see'n Haq'a, khho'ay waddaayoo'n wirran'ay joo'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection