ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي ڪرھو، چانگو، اٺ جو بيت
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاڻُو،
مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو،
ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ مَٽِئو.
سمجهاڻي
اٺ پنھنجي وڳ سان وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ لاڻو (اٺ جو پسنديده کاڄ) بہ نٿو کائي. (شايد) سندس ٿوهي (اٺ جي پٺيءَ تي اڀريل جاءِ) ۾ عشق چڙهي ويھي رهيو آهي (عشق ۾ مغلوب آهي). انھيءَ ڪيفيت سبب هن ڀٽاري جانور (جو اهو حال آهي جو ) مرڻ گهڙيءَ تائين انھيءَ ويھڪ واريءَ جاءِ تان چري نہ سگهيو آهي.
[اُٺ جي مستيءَ کي روميءَ هن طرح بيان ڪيو آهي:
اشتران بختيم اندر سبق،
مست بيخود زير محملهاي حق.
(دفتر ششم)
معنيٰ: مان ٻن ٿوهن واري اُٺ وانگر پنڌ ۾ تکو ۽ تيز پيو وڃان، جو حق (محبوب) جي ڪجاوي هيٺ مست ۽ بيخود ٿي پيو هلندو وتان.]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1260
اُٽُ نَوَنڃٖيْ وَکَس﮼ چَرٖيْ نَہ لَانُوْ﮶
مَي﮼ کٖيْ مَجَازَ جُوْ ٿُوْهٖيْم﮼ ٿَانٌ﮶
ڀَٽَارٖيْ ڀَانُوْ مَرَدٖيْ سِيَ نَمَٽِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उठ न वञे वग॒ सें। चरे न लाणू।
मये खे मजाज़ जो। थूहे में थाणू।
भटारे भाणू। मरंदे सींअ न मटिओ।
ROMAN SINDHI
Uthh'a na wanje wagg seen, chare na lannoo,
Maye khe majaz'a jo, thoohee me thannooo,
Bhattare bhanno, marande seen'a na matyo.
TRANSLATIONS
The camel refuses to go out with the herd; nor does he take his (favourite) feed - the saline shrubs. (It seems) he has plenty of frenzy centred in his hump (i.e. in the human heart). Being a pedigree camel he would not change (and abandon his frenzy till his death).
Note: A good hump indicates vitality. The frenzy of a camel varies with the bulk of his hump.
(2) The verse depicts some reformation of the nafs.
The camel neither goes with the herd nor graze Laano,
He is stricken with amour,
The good camel would remain here till death.
جمل لا يرعى مع الجمال لقد جرحه مسمار المحبة هلك هذا الجمل عارى الجد لقد شمر نفسه ونسى نفسه وكرس حياته يسلك على خط الحبيب.
وگ دے نال ٹرے نا بوتا، لانا وی نا کھاوے
اوہ اُچا مزاج وی اُچی، کھڑے ہاتھ نا آوے
دھون آکڑی رہندے اس دی، مَرے دماں تیکر
ناقۂ دل کو ہے یہی درکار
کوئی مضبوط سی بنائو مہار
لہلہاتی ہیں ہر طرف بیلیں
کتنی خوش رنگ کیسی خوشبودار
لگ گئی اس کو ان کی چاٹ اگر
ہاتھ آئے گی پھر نہ یہ زنہار
ساتھی کوئی نہ بھائے اِس کو، نہ کھائے گھاس،
ایسا عشق لگا مالک سے، اور نہیں کچھ راس،
مالک کے ہی پاس، رہے وہ مرتے دم تک
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection