ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر جو بيت
اَڃا ڪَتِي ڪالَهہ، مُلا آندِيَمِ مارُوئين،
سا ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، مَٿان لِڱَنِ لالَ،
مارُنِ مِلِي شالَ، ڏَھِيُون توءِ ڏيکارِيان.
سمجهاڻي
(مارئي ٿي چوي) مون لاءِ اها تازي ڪتيل کٿي آهي (اها ڪڏهن پراڻي ٿيڻ واري ناهي) جيڪا مون کي مارن مٿي ڍڪڻ لاءِ ڏني آهي. آءٌ پنھنجي جسم کان اهڙي لاکيڻي رڱيل لوئي ڪيئن الڳ ڪريان. مان تہ سوچيان پيئي تہ جڏهن مارن سان ملنديس تہ کين انهيءَ کُٿل ۽ ڦاٽل لوئيءَ جا پوڇڙ بہ ڏيکارينديس (تہ مون ڪيئن ان کي ساھ کان وڌيڪ سانڍيو آهي)
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3233
اَڃَان ڪَتِيْ ڪَالَ مُلَا آَندِيَمِ مَارُوْءٍ﮶
سَا ڪِيَ لُوْئِيْ لَاهِيَان مَٿَا لِکَنِ لَالَ﮶
مَارُئَنِ مِلِيْ شَالَ ڎَهِيٌ تُوءِ ڎٖيْکَارِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अञा कती कालह। मुलां आंदियमि मारूएं।
सा कीअं लोई लाहियां। मथा लिङनि लाल।
मारुनि मिली शाल। ड॒हियूं तोए डे॒खारियां॥
ROMAN SINDHI
anjaa kati kaalh, mulaa aandiyam'ay maaroo'en,
saa kee'en lo'ee laahiyaa'n, mathaan lingan'ay laal'a,
maarun'ay mili shaal'a, ddahiyoo'n to'ay ddekhhaariyaa'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection