ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي مارُن جو حال جو بيت
اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون،
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
سمجهاڻي
بيشڪ سڀ کان اڳ (پھريائين) الله سبحانہ و تعاليٰ جو نالو (ذات) آهي، اُهو ئي سڀني شين (مخلوقات) کان بلند ۽ بالا آهي (سڀني تي قادر آهي). آءٌ عمر (بادشاھ) کي (جيڪو مون کي زوريءَ عمرڪوٽ ۾ کڻي آيو آهي) ڪھڙيءَ ريت (ڇو پنھنجو گهوٽ ڪري) قبوليان؟ آءٌ پنھنجي هن مالڪ ۽ رازق جي رضا (حڪم) جو امر اڳيئي (عالم ارواح) ۾ مڃي چڪي آهيان (جنھن مطابق منھنجو سڱ منھنجي مائٽن ۾ ٿيل آهي).
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अवलु नामु अल्लाह जो। मिड़निऊं मथाहूं।
कीअं करे क़बूलिआं। उमर खे आऊं।
राज़िक़ रज़ाऊं। मूं मथे उते वञियूं॥
ROMAN SINDHI
awal'ay naam'u Allah'a jo, mirrni'oo'n mathaa'hoo'n,
kee'en karay qabooli'aa'n, umar'a khhay aaun,
raaziq'a razaa'oo'n, moo'n mathay utay manjiyoo'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection