ٻيا بيت
- سُر آسا جَي پاڻ پردو پاڻ جو بيت
اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين،
دائِمُ اِنَ دَرٻارِ جا، ڦَران پَسِئو ڦيرَ،
جَنِ حُضُورِي ھيرَ، ڪَري تَغِيرِيُون تَنِ سين.
سمجهاڻي
ڪير بہ اها دعويٰ نٿو ڪري سگهي تہ هن جي محبوب سان اهڙي ويجهي سڃاڻپ (گھرائپ) آهي (جيڪا اڻ بدلجندڙ ۽ دائمي آهي). بلڪہ ان الاهي درٻار جا رنگ نرالا آهن ۽ پيا ڦرن (جيڪي ظاهري سمجهہ کان ٻاهر آهن). جيڪي هن جي حضور ۾ خاص درجي وارا هئا، انهن جا مرتبا بہ هيٺ مٿي ٿيندا رهيا آهن، (هن جي ذات بي نياز آهي).
[هن توڻي ايندڙ بيت جي مناسبت لاءِ مثنوي روميءَ مان هيٺيون بيت مطالعو ڪريو:
ساعتي کافر کند صديق را،
ساعتي زاهد کند زنديق را.
(دفتر دوم، ب- 1312)
معنيٰ: (اها سندس بي نيازي آهي)، هڪ گهڙيءَ ۾ صديق جي درجي وارا ايمان کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ ساڳي گهڙيءَ خدا کي نہ مڃيندڙ سچو مومن ۽ زاهد بنجي پوي ٿو.]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3556
اِيَ چَوَندِّيْ ڪٖيْرَ تَہ ٿِيَسِ سَاڃَارِيْ س﮼ سَڃَن﮼﮶
دَائِمُ اِنَ دَرْٻَارِ جَا ڤَرَان پَسِئُوْ ڤٖيْرَ﮶
جَنِ حُضُوْرِيْ هِيْرَ ڪَرٖيْ تَغِيْرِيٌ تَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ईअं चवंदी केर। त थियसि साञारी सें सज॒णें।
दाइमु इन दर्बा॒रि जा। फरां पसिओ फेर।
जनि हुज़ूरी हेर। करे तग़ीरियूं तनि सें॥
ROMAN SINDHI
Aeen chawandi ker'a, ta thiyas sanjaari seen saJhhannen,
Daim'u in'a darBaar ja, Pharan passiyo Pher'a,
Jan HuZooree her'a, kare taGeeriyoon tan seen.
TRANSLATIONS
نت نیا حسن تیری قدرت کا
کس کو دعویٰ ہو محرمیّت کا
وہ بھی سمجھے نہ اس تغیر کو
فخر ہے جن کو تیری قربت کا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection