ٻيا بيت
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي ڏِٺو جَنِ،
سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.
سمجهاڻي
اهو سمجهہ تہ اها ذات (الله تعاليٰ) هڪ ئي هڪ آهي، يعني خدا ’احد‘ ئي آهي، اڪيلو ’هڪ‘ ئي آهي، ۽ ان جو پويان ’ٻہ‘ يا ’ٻيو‘ آهي ئي ڪونہ. انهيءَ راز کي جن پوري جذبي ۽ جوش سان اڳتي پير پائي محسوس ڪيو، اهي پوءِ ٻيءَ ڪنھن بہ صورت ۾ هڪڙي هادي ۽ رهبر کان سواءِ ڪجهہ نٿا ڏسن، (اهي ان اڪيلي ذات جي ديدار ۾ ئي گم رهن ٿا).
[شاھ لطيف جي هن بيت سان جوڙ هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي.
ڳجهان ڳجهہ وڃن، احد جي اسرار ۾ مٿين ٻنهي بيتن جو پس منظر مثنوي روميءَ ۾ هن ريت ملي ٿو، مولانا رومي چوي ٿو تہ خدا جي ذات جي ماهيت جو ادراڪ جيتوڻيڪ عام طور نٿو ڪري سگهجي، ليڪن جيڪي خدا جا خاص ٻانها آهن، انهن کي اهو حاصل آهي، انهن وٽ انهيءَ ڳجهہ جو ڳجهہ بلڪل ظاهر ۽ عيان آهي. عام مخلوقات لاءِ حق جي ذات ۽ ان جا اسرار سمجهہ ۽ بصيرت کان ٻاهر آهن، پر جيڪي انهن اسرارن جا واقف آهن، انهن کان ذات جي وصف پڻ ڳجهي ناهي،
زانکه ماهيات و سّر سر آن،
پيش چشم کاملان باشد عيان.
(دفتر سوم، ب- 3651)
معنيٰ: بيشڪ هن (الله) جي ماهيت ۽ سندس ڳجهه جا ڳجهہ هنن ڪامل انسانن جي اکين آڏو کليل ۽ ظاهر آهن. هتي روميءَ جي اصطلاح ’سر سر‘ لاءِ شاھ لطيف جو سنڌي اصطلاح ’ڳجهان ڳجهہ‘ يعني ’ڳجهہ جو ڳجهہ‘ خاص طور قابل توجھ آهي.]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3569
اَحَدَ جٖيْ اِسْرَارَ کٖيْ جُنبِّيْ ڎِٽُوْ جَنِ﮶
سٖيْ مُوْٽِيْ ڪِيْنَ پَسَنِ ڌَارَا ڌَنِيَ ڪٍ ٻِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अहद जे इसरार खे। जुंबी डि॒ठो जनि।
से मोटी कीन पसनि। धारां धणी की ब॒ओ॥
ROMAN SINDHI
Ahad'a je israar'a khe, junbe Dithho jan,
Se mottee keen'a passan, dharaan dhannee kee Biyo.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection