ٻيا بيت
- سُر آسا جَي نيراني اکڙيين جو بيت
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
سمجهاڻي
مون اکين کي هر لحاظ سان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي (پنھنجي وسان نہ گهٽايو) پر جنھن محبوب جو مٿن رنگ چڙهيل هو يا جنھن جي رنگ ۾ رتل هيون، تنھن کي آخر ڳولي وڃي ڏٺائون. پرين ڪيترو بہ پري هجن، پر هي سڄي جھان کي جهاڳي وڃي ديدار ڪري آيون.
[روميءَ هڪ مرحلي تي هينئن چيو آهي:
گفتم آخر خويش را من يافتم،
در دو چشمش راه روشن يافتم.
(دفتر دوم، ب-101)
معنيٰ: مون کي آخر تڏهن وڃي اطمينان ٿيو، جڏهن مون پاڻ کي محبوب (مرشد) جي ٻنهي اکين جي روشن راھ تي هلندي ڏٺو.]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अखियुनि खे आऊं। जां के झलूं पायां।
रअ जंहिं जे रतियूं। सोझे सूठाऊं।
पसनि पराहूं। ओरांघिओ आलम तां॥
ROMAN SINDHI
Akhiyun khe Aaon, jaan kee Jhaloon payaan,
ra'e jenhn je ratiyoon, soJhe sothhaooon,
Passan parahoon, oranghiyo Alam taan.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection