ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
اَگهِئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا،
مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳَ،
رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.
سمجهاڻي
هن منڱڻي جا ڪَچا ڦِڪا ٻول جيڪي هن وهاڻيءَ رات (رات جي پوئين پھر) جو ويھي (دل جي سچائيءَ سان) آلاپيا، سي قبول پئجي ويا. انهيءَ ڪري هن جا ڄڻ سُک ۽ خوشيءَ وارا ڏينھن موٽي آيا. (وڏي ڳالهہ تہ) بنا ڳائڻ وڄائڻ جي هن رُونٽي (رونڊي) هٿ واري مڱڻي کي سٻڙ سخيءَ رات وچ ۾ وڏا انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪري ڇڏيو (انعامن جي بارش ڪري ڇڏي).
[هن بيت جي سمجهاڻي مثنويءَ جي ان عنوان ۾ ملي ٿي، جڏهن رومي اهو فرق واضح ڪري ٿو تہ هڪڙا درويش اهي آهن، جيڪي صرف خدا جا اڃايل آهن ۽ غير کان بيپرواھ آهن، پر ٻيا اُهي آهن، جيڪي خدا کان بيپرواھ ۽ غير جا اڃايل آهن.
ليک درويشي که او تشنئه خداست،
هست دائم از خدايش کار راست.
(دفتر اول)
معنيٰ: جيڪو فقير الله تعاليٰ جي پياس ۾ آهي، ان جا ڪم الله تعاليٰ سدائين پاڻ پيو سنواريندو آهي.]
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2472
اَکِئَا وٖيْنَ وِهَاکَہ ڎِنکَّا فِڎَا ڎَڎَ جَا﮶
مَٿٖيْ مُوْٽِئَا مَکَن﮼ سَندَا ڎِيْهَ سُهَاکَہ﮶
دُوْءِ ٿِئُوْ ڌَارَا رَاڃَ سَبَرَ رَاتِ سَمَکِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अघिआ वैण विहाग॒। डिं॒गा फिडा॒ ड॒ड॒ जा।
मथे मोटिआ मङणें। संदा डीं॒हं सुहाग॒।
रूए थिओ डा॒रां राज॒। सबड़ राति समगिओ॥
ROMAN SINDHI
Aghiya wenn'a wihaagg'a, Dinga PhiDa DaD'a ja,
Mathe mottiya mangnnen, sanda Deenhan suhagg,
Roo'e thiye Daraan raaJhh'a, saBarr'a raat samagiyo.
TRANSLATIONS
’سپڑ‘ سائل سے کتنا خوش ہوا ہے
سمجھ میں اس کی جب یہ بات آئی
کہ اس انجان کے قلب و نظر پر
مصیبت بن گئی ہے بے نوائی
’سپڑ‘ نے اس کی باتیں مان لیں سب
سحر آسودگی کا دور لائی
صبحدم آکے نے نوازوں نے
اس کے در پر وہاگ گایا ہے
اور پھر اس سخی کے ہاتھوں سے
زندگی کا سہاگ پایا ہے
کون ہم بے کسوں کا داتا ہے
تیرے پیاروں سے دل لگایا ہے
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection