ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو،
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
سمجهاڻي
(اي منگتا)، اها مڱڻھارن واري عادت يا ريت (دستور) ناهي، جيئن تنھنجو سُرندو ڪِليءَ ۾ (بيڪار) ٽنگيل آهي (۽ تون ننڊ ۾ غافل پيو آهين). تو صبح جي سهڻي (بابرڪت) وقت سان دشمني ڪري، اهو ضايع ڪري ڇڏيو آهي. (اهو تہ سائينءَ جي صدا ۽ ساراھ جو وقت آهي). (ٻُڌي ڇڏ) توکي ڪيرت (ڪينري ساز تي صدائون هڻڻ) کان سواءِ ڪوبہ مڱڻو ڪونہ مڃيندو.
[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جي پھرئين دفتر ۾ هڪ نقل ملي ٿو تہ حضرت عمر رضه جي وقت ۾ هڪ چنگ وڄائيندڙ خدا جو مقبول ٻانهو هو، پر جڏهن هو پوڙهو ٿي چنگ وڄائڻ کان لاچار ٿي وڃي ٿو تہ ان وقت هو حسرت وچان خدا جي آڏو پنھنجي محتاجيءَ ۽ عجز جو هن ريت اعتراف ڪري ٿو. حضرت عمر کي خدا جي طرفان حڪم ملي ٿو تہ تون وڃي سندس خبر چار لهه:
گفت عمرو مھلتم دادي بسي،
لطفها کردي خدايا باخسي،
نيست کسب امروز مهمان توام،
چنگ بهر تو زنم کآن توام.
(دفتر اول، ب- 2083 ۽ 2085)
معنيٰ: اي مالڪ، تو مون کي وڏي عمر ۽ مھلت ڏني، او سٻاجها سائين، تو هن ڪميڻي سان وڏيون مهربانيون ڪيون. هاڻي ڳائڻ وڄائڻ جھڙو ناهيان، بس تنھنجو مهمان آهيان، فقط تنھنجي لاءِ ساز وڄائيندس جو تنھنجو غلام آهيان.]
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2465
اِيُ نَہ ڀَانَنِ ڀٖيْرُ جِنْ ڪِيْرِيَ ٽَنکِّي﮼ ڪِيْنِرُوْ﮶
سَبَرَ جٖيْ سَلَامَس﮼ وِجِيْ وٖيْٽِهْ وٖيْرُ﮶
تُوْکٖيْ چُندُوْ ڪٖيْرُ ڪِيْرَتَ ڌَارَا مَکَنٌ﮶.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ईउ न भाननि भेरु। जीअं कीरेअ टंगियें कीनरो।
सबड़ जे सलाम सें। विझी वेठें वेरु।
तोखे चवंदो केरु। कीरति धारां मङणू॥
ROMAN SINDHI
Aee'u na bhanan bher'u, jeean keere'a ttangeen keenro,
SaBarr'a je salaam'a seen, wijhee wethheen weer'u,
Tokhe chawando ker'u, keerat dharan mangnno.
TRANSLATIONS
It is not conventional with bards to hang their instrument by a peg on a wall (and then to sit inert, nor does it behove them to do so). Obviously you have had an unfavourable conception of the auspicious morning and therefore ignored it. Who would address you as a bard when you play no instrument and give no music.
خفتہ بختان را نبا شد دولت دیدار صبح
دیدۂ بیدار دل بیند در گلزار صبح
(Sanai)
The unlucky fellows are denied the treasure of early mornings, which a wakeful heart finds in the meadow of the early morning.
It behoves not the minstrel to hang fiddle on the peg,
Enemy you are of the glorious dawn,
Who would call you a musician if you sing no song?
هذا ليس بأسلوب الطربين يكون المزهر معلق على المسمار وعلى المشجب أنت عملت العداوة مع الصباح الجميل.
أي أنت استيقظت من النوم صباحا ولم تعبد اﷲ عز وجل.
من هو يقول لك المطرب العابد.
بدون تسبيح اﷲ عز وجل.
نمی زیبد ترا رامشگر پُر سوزو خوش الحان
کہ ساز آویختہ در میخ بر دیوار می داری
چنین با صُج عداوت درشتہ خاموش بنشتی
کجا مطرب بگویندت گر این اطوار می داری
کہے گا کون پھر تجھ کو مغنی
نہ رکھے ساتھ گر تو ساز اپنے
نہیں ’بھانو‘ کا یہ طور و طریقہ
کہ ٹانگے کیل پر تو ساز اپنے
نہ جانے آج تجھ کو کیا ہوا ہے
سحر کے وقت چپ بیٹھا ہوا ہے
گائک کی یہ ریت نہیں کہ، ساز کو کھونٹی ٹانگے،
ایسے سہانے صبح سے ہے سِر تو رکھے ہوئے،
کہے گا کوئی کیسے، تجھ بِن ریاض کے گائگ۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection