ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
سمجهاڻي
بيشڪ! اُنڙ ڄام ۾ وڏيون اميدون آهن پر ان کان وڌيڪ سندس ڊپ بہ آهي تہ ناراض نہ ٿي پوي، ليڪن مڱڻھارن لاءِ وڏو (ڏڍ) بچاءُ يا مضبوط وسيلو اهو آهي تہ هو سوالين کي خالي هٿين ڪونہ ٿو موٽائي (هنن کي ضرور نوازي ٿو).
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2480
اُنَرَ م﮼ آَسَ کَنِيْ تِھَا وَڎٖيْرُوْ ڊَپُ﮶
مَنکَنَهَارَنِ مَپُ جُوْ نَمُوْٽَائٖيْ مَکَّنَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उनड़ में आस घणी। तिहां वडे॒रो डपु।
मङणहारनि मपु। जो न मोटाए मङणा॥
ROMAN SINDHI
Unnarr'a me Aas'a ghannee, tehaan waDero Dapp'u,
Mangannharan mapp'u, jo na mottaye manganna.
TRANSLATIONS
امیدیں بھی ہیں اس سے خوف بھی ہے
مغنّی کو مگر ہے یہ سہارا
میں کیسابھی ہوں لیکن اپنے در سے
نہ لوٹائیگا خالی ہاتھ پیارا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection