ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
سمجهاڻي
(او چارڻ) تون اُٿ ۽ راڳ ڏي موٽ کاءُ (مشغول ٿيءُ)، دنبوري جي ساز جون دانھون ڌيان ڏيئي ٻڌ. انڙ ڄام جي اڳيان ڳائي وڄائي سوال ڪرڻ سک. ساز جي تندن کي ڳنڍي جوڙي پنھنجيءَ جاءِ تي پورو ڪري بيھار (جيئن صحيح واڄو ڪن)، متان توکي سٻڙ ڄام طرفان (ڪنھن بہ مھل) ڳائڻ جو سڏ ٿئي، تہ اچي وٽس ڳاءِ!
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उथी वर ओनाए। दांहूं दंबूरनि जूं।
अगि॒आं उनड़ जा॒म जे। लंघा तूं लीलाए।
जोड़ि तंदूं करि जाए। मतां सबड़ जो सडु॒ थिए॥
ROMAN SINDHI
Uthee war'a oonaa'e, daanhoon dambooran joon,
Aggiyan unnarr'a Jhhaam'a je langha toon leela'e,
Jorr tandoon kar jaa'e, matan saBarr'a jo saD'u thiye.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection