ٻيا بيت
- سُر ڏھر جَي لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ جو بيت
اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو،
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
سمجهاڻي
اي اوڏڻ (اوڏ ذات جي عورت) توکي لاکي سردار مهربان ٿي پاڻ وٽ سڏايو آهي (توکي مان ڏيئي پنھنجو ڪيو اٿس). هن کان پوءِ تنھنجي مٿان مٽيءَ کي ڳوهڻ ۽ ڍوئڻ يعني اوڏڪي ڪم جو بار لھي چڪو آهي. هونئن راڄ ۾ ٻيون بہ ڪيتريون سوڀيا ۽ سونھن واريون عورتون هيون، پر سردار تو مٿان راضي ٿيو آهي (توکي پسند ڪيو اٿس).
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 3011
اُوْڎَنِ اُوْڎِيْ اٰءُ تُوْکٖيْ لَاکٖيْ ڪُوْٽِئُوْ﮶
سَندُوْ مِٽِيَ مَامِرُوْ لَٿُوْ تُوْ مَٿَا﮶
تُوْ تٖيْ رٖيْدُوْ رَاءُ نَتَ رَانِيٌ کَنِيٌ رَاڃَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ओडि॒णि ओडी॒ आउ। तोखे लाखे कोठिओ।
संदो मिटीअ मामिरो। लथो तो मथां।
राणियूं घणियूं राज॒ में। तो ते रीधो राउ॥
ROMAN SINDHI
aoddinn'ay aoddi aa'u, tokhhay laakhhay kothhi'o,
sando mitti'a maamiro, latho to mathaa'n,
raanniyoo'n ghhanniyoo'n raajj'a mayn, totay redho raa'u.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection