ٻيا بيت
- سُر ڏھر جَي رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي جو بيت
اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو، ڪَلَرَ کاڌِي ڀِتِ،
تُون نَہ رَھَندين ھِتِ، ڪَھڳَلَ ڪَرِيين ڪَنِ کي.
سمجهاڻي
تون ڪلر جي کاڌل (ڀت جي پاڙ کي) ڪيترو وري وري ٺاهيندين (پشتي هڻندين) تون هِتي رهڻ وارو ئي نہ آهين، پوءِ اها گاري سان لنب (مضبوط اڏاوت) ڇا لاءِ ٿو ڪرين.
[’ڪھگل‘ فارسي لفظ آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ عمارتن اڏيندڙ ڪاريگرن وٽ مستعمل آهي. رومي ساڳيو لفظ استعمال ڪندي هڪ ٻيو سبق ڏنو آهي:
رو تو کهگل ساز بهر سقف خان،
سقف گردون را ز کهگل پاک دان.
(دفتر دوم، ب- 1847)
معنيٰ: تون وڃي محنت ڪري گهرجي ڇت لاءِ گارو تيار ڪر. ڇو تہ صرف آسمان جي ڇت ئي ان گاري کان پاڪ آهي.]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अडि॒ओ अडीं॒दें केतिरो। कलर खाधी भिति।
तूं न रहंदें हिति। कह्ग॒ल करियें कनि खे॥
ROMAN SINDHI
ADiyo aDeenden ketro, kalar'a khaadi bhit,
Toon na rahanden hit, kahggal kareen kan khe.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection