ٻيا بيت
- سُر ليلا جَي ڏيئي جي ڏھاڳ جو بيت
آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
سمجهاڻي
جتي ڪٿي هر هنڌ تون ئي منھنجو سرواڻ ۽ ساٿ ڌڻي آهين. (عجب آهي جو) هي (معمولي) گناھ ۽ ڏوھ نٿو بخشين، اي داسڙا دوست، منھنجو ڌڻي ۽ مالڪ مهربان تون ئي تہ آهين!
[روميءَ وٽ اهو خيال هن طرح ملي ٿو:
جز تو پيش که بر آرد بنده دست،
هم دعا و هم اجابت از تو هست.
(دفتر چهارم، ب- 3499)
معنيٰ: اي مالڪ سائين، هي ٻانهو تو کان سواءِ ڪنھن جي آڏو هٿ کي ڊگهيڙي، تون ئي تہ دعا کي ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ وارو آهين.]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आहियें सूंहूं साथ जो। हीते हुते तूं।
गुनाह न बख़्शियें मूं। तूं धणियमि आहीं दासड़ा॥
ROMAN SINDHI
Ahein su'hano saath jo, hitey hutey toon,
Gunaa'h na'a bakh'shein moon, toon dha'neym aa'hein daas'sra.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection