ٻيا بيت
- سُر بلاول جَي مجوسِي، ڄام ۽ جادم جو بيت
اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
سمجهاڻي
جڏهن (سخاوت جو سمنڊ) اُڌمي (اُڀامجي) مٿي چڙهي آيو آهي، تڏهن ڪيترائي ننڍا واھ ۽ واهيون وهي هليا آهن. سخي سمي ايترا مَٽ چِڪائي تيار ڪيا آهن، جو غريب ۽ امير سڀڪو پيو ڍئو ڪري پيئي. ناليواري سخي راهوءَ جي ڪچھريءَ ۾ ايندي، ڪنھن کي بہ ڊپ ڊاءُ ڪونہ پيو ٿئي. بيشڪ! هوٿياڻيءَ جھڙي سخيءَ جي هٿان دشمن بہ ڏان وٺيو خوش ٿيو پيا وڃن.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙي قسم جي سخيءَ جي ساراھ ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:
گر بدادي تشنہ را بحري زلال،
در کرم شرمنده بودي ز آن نوال.
(دفتر ششم، ب- 3018)
معنيٰ: هو اهڙو سخي هو، جو جيڪڏهن اڃايل کي صاف پاڻيءَ جو سمنڊ بخشي ڇڏي ها تہ بہ پنھنجي شرافت سبب شرمنده ٿئي ها تہ اڃا گهٽ ڏنو اٿم.]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3626
اُڌَمِئُوْ اُوْرَاہُ لَکہ﮼ وَهَنِ وَاهُرَا﮶
سَم﮼ سَرُوْ چِڪَائِيُوْ پٖي﮼ شَاہُ کَدَاءُ﮶
هُوْتَانِيَ هَٿَاءُ وِرَ پَنْ وَڃَنِ وَاسِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उधमिओ ओड़ाहु। लखें वहनि वाहुड़ा।
समे सरो चिकायो। पेई शाहु गदा।
राहूअ जी रिहाणि में। नको डपु न डाउ।
होताणीअ हथां। विड़ पणि वञनि वासिआ।
ROMAN SINDHI
Udhamiyo orrah'u, lakhen wahan wahoorra,
Same saro chikayo, peyi shaah'u gada,
Rahoo'a je rihaann me, nako DHap'u na DHa'u,
Hotannee'a hathan, wirr'a punn wanjan wasiya.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection