ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ،
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
سمجهاڻي
(اڌ پڙهيل) مُلن ڊگهيون ڳالهيون ڪري عام ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي، اهي تہ شروع کان ئي محبوب کان گهڻو پري آهن ۽ رڳو ڳالهين جا ڳھير آهن، جيڪو محبوب ساھ کان وڌيڪ ويجهو آهي، تنھن کي ڳولڻ لاءِ ڪجهہ نٿا ڪن. (دراصل) هنن کي پنھنجي غفلت جي ڪا خبر ناهي، باقي ٻين کي زور سان دانھون ڪري پيا هدايتون ڪن.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙن خطيبن جو ذڪر ملي ٿو.
شيد کردي تابہ منبر برجهي،
تاز لاف اين خلق راحسرت دهي.
بس بجو شيدي نديدي گرمي،
بس ز شيد آوردُن بي شرميي.
(دفتر سوم، ب- 728 ۽ 29)
معنيٰ: تون مڪر سان منبر تي چڙهي بيٺين ۽ ڊگهيون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي پيو ڊيڄارين. تو گهڻي ڪوشش ڪئي پر تو کي اها گرمي حاصل نہ ٿي. البت تو گهڻو ئي مڪر ڪيو ۽ بي شرميءَ جو مظاهرو ڪيو.]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3536
اُوْجٌہ ڪَرٖيْ عَامَکٖيْ مُجَائِيُوْ مُلَنِ﮶
اُوْءِ پِرْيَائِيْ پَاسِيْ ٿِئَا کَهْکَهْ کَالِيٌ ڪَنِ﮶
سَاہً اُوْڎُوْ سُپِرٍ لُوْچِئُوْ تَانَلَھَنِ﮶
دَمُ نَسُڃَانَنِ دَاہٌ ڪَنِ مُٽَنِجِيَ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ऊजूं॒ करे आम खे। मुंझायो मुलनि।
ऊइ प्रियां ई पासे थिआ। था ग॒ह गा॒लिहयूं कनि।
साहऊं ओडो॒ सुपिरीं। लोचिओ तां न लहनि।
दमु न सुञाणनि। दांहूं कनि मुठनि जीअं॥
ROMAN SINDHI
OJhhoon kare Aam'a khe munJhaayo mulan,
Oo'e piryaan ee paase thiya, tha ggah'a ggah'a ggaalhiyoon kan,
Saaha'oon oDo supireen, lochiyo taan na lahan,
Dam'u na sunjannan, daanhoon kan muthhan jeean.
TRANSLATIONS
The Mullas bore and confuse by their demagogic dialogues which have no correct bearing on the Beloved. Infact by their tedious discussions they get further away from Allah. The latter is closer than our jugular vein but they are unable to locate Him. They do not know well their hearts or the very breath of life is charged with Him, and they just cry like wretched persons.
از درون خویشتن جو چشمہ را،
تارہی از منت ہر ناسزا
Search for the fountain head within yourself so that you may need nothing from an undeserving person.
برتر از طول و عرج و صورت ہے
اس کی قدرت عجیب قدرت ہے
ہر اشارے میں کیا محبت ہے
وہی سمجھے جو محوِ حیرت ہے
ہر فسانے میں اک حقیقت ہے
کون جانے جو اس کی ندرت ہے
جلوۂ حسنِ یار دیکھ سکیں
اہلِ ظاہر میں کب یہ ہمت ہے
وہی دیکھے گا اس کے جلوے کو
جو ذرا صاحبِ بصیرت ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection