ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ،
ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
سمجهاڻي
آءٌ هُنن جوڳين جي اوتارن وٽ بيهي روڄ راڙو پيئي ڪريان، آءٌ ڇا ڪريان جو بس ڪرڻ منھنجي وس ۾ ناهي. (آءٌ ڇا ٻڌايان تہ) مون کي سندن ڪينر جي آواز ڪات وانگر ڪُھي (اڌ مُئو ڪري) ڇڏيو آهي. هنن جو پنڌ يا مسافري ڏاڍي ڏکي ۽ پري آهي (منھنجو هنن سان جيءَ جو ڳانڍاپو آهي)، ان ڪري هنن جي جدائي سھي منھنجو زنده رهڻ مشڪل آهي.
[’هيھات‘ جو لفظ جيتوڻيڪ اصل ۾ قرآن شريف ۾ آيل آهي. پر رومي ان کي مثنويءَ ۾ ڪيترا دفعا آندو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
پيش آرد هيهي و هيهات را
در لويشه پيچد او لبھات را.
(دفتر پنجم، ب- 158)
معنيٰ: هو پاڻ هاءِ هاءِ ۽ افسوس ظاهر ڪري ٿو پر تنھنجا چپ سئيءَ سان سبي ڇڏي ٿو).
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2508
آَسَنَ وَٽِ آَہٌ ڪَرْيَان وَسِ نَہ مُھْجٖيْ وَاتُ﮶
لَـکُمِ لَاهُوْتِيَنِجُوْ ڪِيْنَرَ مَنجَّا ڪَاتُ﮶
هَلَنَ کٖيْ هَيْهَاتُ آَءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आसण वटि आहूं करियां। वसि न मुंहिंजे वातु।
लगु॒मि लाहूतियनि जो। कीनर मन्झां कातु।
हलण खे हैहातु। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Aasaan watt aahhon karyan, wass naa muhanjey waatt,
Laga'm lahootein jo, ke'nar muhanja kaat't,
Halan'n khey he'haat', aaon na'a jeindey unn re.
TRANSLATIONS
I give vent to cries at their discarded seats. I simply cannot help it because I cannot control my mouth. I have received the stab from the “Lahut” ascetics through their music. It is a tragedy that I cannot follow them, though I am sure I cannot live without them.
Seeing their vacant yards, my cries I cannot control,
Yogis conshells music has stabbed me sore,
Alas! I can follow them not, without them I cannot live.
أصرخ وأصيح واقفة أمام العتبة لأن فمي ليس بتصرفى وليس تحت أمري.
من رباب المتطوعين طعنني ساطور.
يا أسفاه! انا محتارة ومتحيرة ومستغربة لا أقدر أمشي! ولا أحيى بعدهم!
ان کے ناقوس میں ہے یہ آواز
سرنگوں جس کے سامنے ہر ساز
میں تو ان کے بغیر جی نہ سکوں
ان کا غم میری زندگی کا راز
یہ حقیقت شناس لاہوتی
باعث درد اور درماں ساز
خود پر بس نہیں، میں آسن کے پاس ہوں روتی،
پھیر دیا منہ کیز نے، سردی کی کاٹ تھی ایسی،
ہائے میں جا نہ سکی، بن ان کے کیا جینا ری۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection