ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
سمجهاڻي
اي امڙ، اُنهن جوڳين ۽ سناسين جا (خالي) آستان ڏسي منھنجو روئڻ ۽ رڙڻ ( وڏي آواز سان روئڻ) بند ئي نٿو ٿئي. انهن جا اهي تڪيا ۽ ماڳ مون کي پيا ڏکوئين ۽ بيقرار ڪن. اٽلو هنن (وڏي پنڌ وارن) سامين مون کي (بيمار هئڻ ڪري کٽ تان لاهي) پٽ تي سمهاري ڇڏيو (تہ جيئن منھنجي ڪري هنن جي مسافريءَ ۾ ڪا رنڊڪ نہ پوي). هو جيڪي هر وقت روڄ راڙي (بين جي حالت) ۾ رهن ٿا، منھنجو جيئڻ انهن کان سواءِ نٿو ٿي سگهي.
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2510
آَسَنَ پَسِئُوْ اُنِجَا اَچٖيْ نَہ آَرَامُ﮶
ڪِيْنَرَ ڪُٽِيْ اٰهِيَان تَنٍ جٖيْ تَمَامُ﮶
مُنْـکٖيْ ٿِئُوْ مَاتَامُ آَءٌ نَہ جِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आसण पसिओ उनि जा। अचे न आरामु।
कीनर कुठी आहियां। तनी जे तमामु।
मूं खे थिओ मातामु। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Aasaan passow unn jaa, achhe naa aram',
Keena'r kuTheiy, Tinee jey tama'a,
Moon khey thow Mataam, aaun na jeindey unn re.
TRANSLATIONS
I become more restless when I cast a glance at the place where they sat last. I am very much captivated by the instrumental music of their conshell. (Actually I cannot forget it.) Their departure is a matter of lamentation for me. Accordingly I cannot live without them.
مشغلہ جن کا آہ و زاری ہے
میں نے ان جوگیوں سے پیار کیا
ان کی دلکش قیام گاموں نے
دیدہ و دل کو بے قرار کیا
ان کے ناقوس کی صدائوں نے
بارہا مجھ کو اشک بار کیا
مجھ کو بیراگیوں کی صحبت نے
مائل عجز و انتظار کیا
مٹ گئی جز و کل کی ہر تفریق
جوگیوں نے عدم کو اپنایا
اپنے ناقوس کی صدائوں کو
ماورائے غمِ جہاں پایا
دور ہر ایک رہگزر سے دور
جادۂ حق انہیں نظر آیا
ان سے آباد دل کی بستی ہے
ان سے وابستہ میری ہستی ہے
دیکھ کے ویراں آسن، آئے نہ اب آرام،
سنکھ سروں سے چیر دیا دل، گھائل جسم تمام،
روؤں صبح و شام، بن ان کے کیا جینا ری۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection