ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي موٽ ۽ پرچ راڻا جو بيت
اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ جوئِي،
مُورِ نَہ مَٽِيان مَينڌَرو، مَنجهان سِڪَ سوئِي،
راڻي سين روئِي، قِصا ڪَندِيَسِ ڪاڪِ جا.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3764
اَلَا سُوْڊَلُ آَنِي﮼ جَانِيْ اَٿِمِ جُوْئِيْ﮶
مُوْرِ نَمَٽِيَان مَيْدَرُوْ مَنجَا سِڪَ سُوْئِيْ﮶
رَانٖيْ س﮼ رُوْئِيْ قِصَا ڪَدِيَسِ ڪَاڪِجَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अल्लाह सोढलु आणियें। जानी अथमि जोई।
मूरि न मटियां मेंधरो। मन्झां सिक सोई।
राणे सें रोई। क़िसा कंदियसि काकि जा।
ROMAN SINDHI
Allah soDhhal Aanneen, jani atham joee,
Moor na mattiyan mendharo, manJhaan sik'a soee,
Raanne seen roee, QiSa kandiyas kaak ja.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection