ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سين،
ھاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِھارِئان.
سمجهاڻي
آءٌ جن سرتين ۽ جيڏين سان آتڻ ۾ ويھي چرخو ڪتيندي هيس، سي اڄ نظر ڪونہ ٿيون اچن. (راڻي جي رُسڻ کان پوءِ ڄڻ اهي بہ مون کان رُسي ويون آهن). اهي ڪاڪ جي اوسي پاسي ۾ ئي ڪونهن تنھنڪري آءٌ ويٺي سندن راھ نهاريان.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3815
اَڃُ نَپَسَان سٖيْ آَتَنِ ڪِتُمِ جَنِس﮼﮶
هَان﮼ تَنٍکٖيْ ڪَنڌِيَ ڪَاڪِ نَھَارِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ न पसां से। आतणि कितुमि जनि सें।
हाणे तनी खे। कंधीअ काकि निहारिआं।
ROMAN SINDHI
AJhh'u na passan se, Aatann kitum jan seen,
Haanne tanee khe, kandhee'a kaak nihariyaan.
TRANSLATIONS
Today I do not see him with whom usually I used to spin thread daily in my house. Instead I look for him now while standing on the banks of Kak river.
I do not see my mates today with whom I used to weave cotton,
standing on Kaak's for them.
میلی بیلی نظر نا آون نال جہناں دے لائی
کوٹھے چڑھ کے راہ اونہاں دا ویکھاں نگاہ ٹِکائی
جن کے سنگ تھا چرخہ کاتا، جانے گئیں وہ کہاں،
ڈھونڈ رہی ہیں اکھیاں، ان کو کاک کنارے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection