ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُينءِ جو بيت
اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين،
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3811
اُوْڎُوْ ڪَاڪِ مَٿِيُ مَتَا مَنجِهٍ رَہ﮼﮶
ڎٖيْ وَرَاڪَا وِچَم﮼ وِہَ کَاڎُوْءٌ وِيُ﮶
جٖيْ ڀَاوٖيْىء﮼ تَپِيُ نَاتَ لَاهُئَارُوْ لُرُ وَهٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ओडो॒ काकि म थीउ। मतां मन्झीन रहीं।
डे॒ वराका विच में। विह गाडु॒ऊं वीउ।
जे भावेई त पीउ। ना त लाहुआरो लुड़ु वहे।
ROMAN SINDHI
ODo kaak ma thee'u, mataan manJheen raheen,
De waraaka wich'a me, wih'a gaaDuyun wee'u,
Je bhaweyi ta pee'u, na ta lahuaaro lurr wahe.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection