ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،
وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ،
ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ،
جِن ھُيُون ڪَلَنگِيُون ۾ ڪَلَ، سي وِئا ڪَندي ڪاڪِ ڏي.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3853
اَڃَان ڀٖيْرُوْ هٖيْڪِرُوْ پَسِبِيْ مُنْمَلَ﮶
وَٽِيْ وٖيْدِيْ پَانَس﮼ ڎِنْدِيْ نَمُوْڪَلَ﮶
هِتِ وِيْھَنِ ٿٖيْ وَڃَائِيَا طَرْهُنِس﮼ طَبَلَ﮶
جِنِ هُيٌ ڪَلَنکِّيٌ م﮼ ڪَلَ سٖيْ وِئَا ڪَبَدي ڪَاڪِڎٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अञा भेरो हेकिड़ो। पसिबी मूमल।
वठी वेंदी पाण सें। डीं॒दी न मोकल।
हिति वीहुनि थे वजा॒या। तर्हुनि सें तबल।
जिन हुयूं कलंगियूं में कल। से विआ कबंदे काकि डे॒।
ROMAN SINDHI
Anjan bhero hekrro, passee Moomal'a,
Wathhee wendee paann seen, Deendi na mokal'a,
Hit wehun the waJhhea, TarHun seen Tabal'a,
Jin huyoon kalangiyoon me kal'a, se wiya kandee kaak De.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection