ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3725
آَتَنَ مَٿَا کُوْجَرْي﮼ اُوْچِتُوْ آَيُوْسِ﮶
سِرِ سَيْلَا کَلِ ڪَچُئَا کُوْرُنِ تِنِ کَايُوْسِ﮶
ڇَہ مَھِيْنَا ڇُوْهَمَا پَاسٖيْ ڀَرِ پِئُوْسِ﮶
مَنجِّ حَيْرَتَ هُوْسِ ڪِھَرِيْ ڪَرْيَان کَالَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आतण मथे गोजर्यें। ओचतो आयोसि।
सिरि सेला ग॒लि कचुआ। घूरुनि तिनि घायोसि।
छह महीना छोह मां। पासे भरि पिओसि।
मन्झि हेरत होसि। किहडी करियां गा॒लहड़ी।
ROMAN SINDHI
Aatann'a mathe gojareen, ochto Aayos,
Sir sela ggal kachua, ghoorun tin Ghayos,
Chhah'a maheena chhoh'a maan, paase bhar piyos,
ManJh Herat'a hos, kehrri kariyan ggalhirree.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection