ٻيا بيت
- سُر بروو سنڌي جَي عاشق اکڙِيُين جو بيت
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا،
لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.
سمجهاڻي
اي محبوب، تنھنجيون اکيون (تہ ناهن) گهل گهوڙا (جنگ جي ميدان ۾ گهوڙن تي سوار جوڌن جوانن جي هڻ هڻان ۽ ڪُھڻ ) واري ڪار ڪن ٿيون. (اهي هر وقت) حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جن کي تو ٻين کي گهائل ڪرڻ جي عادت وڌي آهي.
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2198
اَکِيٌ پِرْيَمِ تُھْجِيٌ کَلِيٌ ءٍ کُوْرَا﮶
لَاهِيْنِ نَلُوْرَا جٖيْ تُوْ هَاجَ هٖيْرِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अखियूं पिर्यमि तुंहिंजूं। गहिल्यूं एं घोड़ा।
लाहीनि न लोड़ा। जे तो हाज हेरियूं।
ROMAN SINDHI
Akhiyoon piryam tuhinjoon, ghilyoon aen ghorra,
laheen na lorra, je to Haaj'a heriyoon.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection