ٻيا بيت
- سُر بروو سنڌي جَي عاشق اکڙِيُين جو بيت
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
سمجهاڻي
اي ڏک ۽ ڏولاوا، ڀڄي پاسو ڪريو ڇو تہ منھنجي پرين مون کي ملڻ جو دلاسو (آسرو) ڏنو آهي. منھنجي محبوبن منھنجي طرفان ڪيل سڀ ڏوھ سڀ ڏوراپا ۽ خطائون بخشي ڇڏيون آهن. جهڙيءَ طرح لوھار لوھ کي گرم ڪري ڪٽيندو آهي، تيئن منھنجي سورن سان بہ ساڳي حالت (سَٽَ ڪُٽَ) ٿي آهي (سور ڀڄي پري ٿيا آهن).
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2212
اُٿِيْ وَءُ اَندُّوْہَ دُوْسِتَنِ دَلَاسُوْ ڪِئُوْ﮶
مَوْلٖيْ سَڀُ مَعَافِيْ ڪِئَا ڎُکَہ ڎَمَرَ ءٍ ڎُوْہَ﮶
جَا پَرِ لُهَارَ ءٍ لُوْہَ سَا پَرِ سُوْرَنِسٍ ٿِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उथी वञु अंदोह। दोसितनि दिलासो किओ।
मोले सभ मआफ़ी किआ। डु॒ख। ड॒मर एं डो॒ह।
जा परि लुहारिएं लोह। सा परि सूरनि सां थी।
ROMAN SINDHI
Uhee wanj'u andoh'a, dostan dilaaso kiyo,
Mola sabh'a muaf'u kiya, Dukh'a, Damar'a aen Doh'a,
Ja par luhariyen loh'a, sa par sooran san thee.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection