ٻيا بيت
- سُر بروو سنڌي جَي عاشق اکڙِيُين جو بيت
آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾،
ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ،
آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،
سمجهاڻي
منھنجا پيارا پرين پاڻ (مهرباني ڪري) آيا آهن تہ انهن لاءِ ويھارڻ جي جڳھ اکيون ئي آهن. (ان کان وڌيڪ بھتر ٻي ڪا جڳھ ناهي). مان پنھنجي اکين کي جيڪر ايترو ويڪرو ڪري ڇڏيان تہ جيئن پاڻ انهن ۾ (وڏي آرام سان) اچي ويھي رهن. مان تہ هر حال ۾ کين پنھنجي اکين ۾ جايون ڏيندس. بلڪہ اکين کي وڇاڻو ڪري کين ويھاريندس.
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3522
آَئِيَا پِرٍ کُرَنِ اُوْطَارَا اَکِنِم﮼﮶
وٖيْرُوْ ڎِيَانِ وٖيْڪِرُوْ وَنِنِ مَنجِّہ وِهَنِ﮶
آَءٌ ڎِيْدِيْ کٖيْ تَنِ مَٿٖيْ تَارَنِ تَڪِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आया पिरीं घुरनि ओतारा अखियुनि में।
वेड़हो डि॒यानि वेकिरो। वनियुनि मन्झि विहनि।
आऊं डीं॒दी खे तनि। मथे तारनि तकिआ।
ROMAN SINDHI
Aaya pireen ghuran, otaara akhiyun me,
Werrho Diyaan wekiro, waniyun manJh wihan,
Aaon Deendee khe tan, mathe taran takiya.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection