ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پتنگ ۽ باھ جو بيت
اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ،
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
سمجهاڻي
پتنگن الائجي ڪٿان اڏامي اچي ساڙيندڙ باھ کي وسايو. اهڙا پتنگ ئي (محبت جي مچ ۾) سڙي رک ٿيڻ جي ريت کي ڄاڻن ٿا. انهن ئي باھ جي تيزي ۽ تک واري رمز ۽ راز کي سمجهيو ۽ آزمايو آهي.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अची उझायो आगि॒ खे। पतंगनि सें पर्वाज़।
खामी ख़ाकि थियण जा। उन्हीं वटि अंदाज़।
रम्ज़ परोड़ियऊं राज़। जे॒रे जी जि॒भीअ जा॥
ROMAN SINDHI
Ache uJhaayo Aagg khe, patangan seen parwaaz'a,
Khaami Khaak thiyann'a ja, unheen watt andaaz'a,
Ramz'a paroorriyoon raaz'a, jere je Jhhibhi'a ja.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection