ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي ڏورِڻ ۽ ڏسڻ جو بيت
آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، پِرِين ھُئَين پَري،
ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.
سمجهاڻي
آءٌ توکي پيو ڳوليان، پر توکي ڳولي لھي نٿو سگهان، تون ايترو پري جو آهين، (جيتوڻيڪ) توکان سواءِ منھنجو هڪ پل بہ نٿو گذري سگهي ۽ منھنجي اندر کي آرام نٿو اچي (سالڪ جي مخصوص ڪيفيت).
[روميءَ ان سان ملندڙ جلندڙ ڪيفيت ڏانھن هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي:
يار را چندان بجويم جد و چست،
تا بدا نم که نمي بايست جُست.
(دفتر ششم، ب- 2177)
معنيٰ: مان محبوب جي ايستائين هر طرح سان پيو ڳولا ڪندس، جيستائين مون کي پڪ ٿي وڃي تہ مون کي وڌيڪ تلاش ڪرڻ جي ضرورت ناهي. آءٌ کيس ڳولي نہ سگهندس.]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 232
اٰءٌ ڎُوْرِي﮼ شَالَ مَلَه﮼ پِرٍ هُئىءٍ پَرٖيْ﮶
هَڎِ نَسَاہَ سَرٖيْ تَنَ تَسَلِّيْ نَٿِيٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आऊं डो॒रियें शाल म लहें। पिरीं हुएं परे।
हडि॒ न साह सरे। तन तसली न थिये।
ROMAN SINDHI
aaun ddoreen shaal'a ma lahee'n, piree'n hu'en paray,
hadd'ay na saah'a saray, tan'a tasali na thiye.
TRANSLATIONS
"O Beloved! let me search for you but not find you. Would that you were remote from me! May my mind not bear the separation from you' Simultaneously it may not have the satisfaction of meeting you."
I seek, may I never find, may You always be far,
May without You I find no peace and no solace.
يا حبيب! ليتفى أدورك ولا أجدك!
يا ليت! أنت تكون بعيدا عني.
لعل روحي لا تعيش بدونك ولا يرتاح قلبي أبدا سواك.
شالا ساجن لبھن ناہیں ڈھونڈ کراں دُکھ جھلدی
ساتھ وی چھوڑ گئے نے ساتھی رہے جدائی سلہدی
تجھ کو ڈھونڈوں اور نہ پاؤں، سدا رہے تو دور،
پل بھی بیت نہ پائے تجھ بن، سدا ہو من رنجور۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection