ٻيا بيت
- سُر ديسي جَي جت، اُٺ ۽ ڌاريا جو بيت
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) منھنجي گهر جو صحن اهو ساڳيو ئي آهي، جتي جَت ترسيل هئا، پر هاڻي هوت پنهونءَ جا اهي مائٽ انهيءَ هنڌ (ماڳ) تي ناهن ۽ انهن جو ڪو پتو ئي ناهي. هنن جي وڃڻ جي ڪري اُٺن جا سڀ وٿاڻ ۽ ويھڪ واريون جايون خالي پيون آهن. منھنجيون (ندوريون) اکيون اهو منظر ڏسي روئي روئي ٿڪجي پون ٿيون.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 716
اَکَنَ اُهٖيْئِيْ جَةَ نَہ پَسَان جُوْئِم﮼﮶
اُوْطَاقٌ اُٽَنِ رٖيْ سُڃِيٌ سَڀٖينئِيْ﮶
اَکَرِيٌ رُوْئِيْ مَاکَہ نِهَارٖيْ مُوْٽِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अङण उहेई। जत न पसां जूइ में।
औताक़ूं उठनि रे। सुञियूं सभेई।
अखड़ियूं रोई। माग॒ निहारे मोटियूं।
ROMAN SINDHI
angann'a uhay'ee, jat'a na pasaa'n joo'ay mayn,
Otaaqoo'n uthhan'ay ree, sunjiyoo'n sabhay'ee,
Akhhrriyoo'n ro'ee, maagg'a niharay mottiyoo'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection