ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،
جي پِرِين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَنِ ميڙئا.
سمجهاڻي
آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي ۽ کنوڻيون اتر طرف کان ڏاڍي تک ۽ تيزيءَ سان پيون چمڪن. مُنھنجا اُهي سڄڻ، جيڪي گهڻو پري ويل هئا، سي مينھن جي موسم موٽائي آڻي ملايا (مون سان مُنھنجا سڄڻ موٽي اچي مليا).
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आगमिजी आयूं। उतरानि करे ऊरि।
जे पिरीं हुअड़ा डू॒रि। से मूंखे मींहनि मेड़आ।
ROMAN SINDHI
Agam Ayon, utran kare aor,
Je pireen hathra door, see moon khy meihun merhia.
TRANSLATIONS
The clouds accompanied by the lightning have gathered in the northern sky in a great mass. My darling who was otherwise far off, is now joined to me due to rains (i.e. due to rain I remember the beloved very intensely).
From north come clouds and it rains,
Reviving memories of far off loved one, bringing close the same.
جائت الامطار بسحائب ونزلت من الشمال.
الأحباء الذين كانوا بعيدين قربت وجمعت لي الأمطار للزيارة.
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection