ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
سمجهاڻي
سرديءَ ۾ ڍڪڻ لاءِ ٿلهو ڪپڙو ۽ کاڌو پيتو ضروري آهي، پر جيڪڏهن پکي ۾ پنھنجو سڄڻ ڪونہ آهي تہ دلبر دوست کان سواءِ هڪڙي ساعت بہ جيئڻ رنڙ يا رن زال وانگر آهي.
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1793
اُوْڇَنُ کُرْجٖيْ آَجِڪُوْ پَکُوْ نَہ پِيْتَمُ﮶
دُوْسِتَ پُڃَانَا دَمُ جَا رَهٖيْ سَا رَنَ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ओछणु घुरिजे आजिको। पखो न। पीतमु।
दोसित पुजा॒णां दमु। जा रहे सा रन थिए।
ROMAN SINDHI
Ochan Ghar je ajhko, pakho na peetam,
Dost pujhana dam, ja rahe sa ran thye.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection