ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي ڌرتي ڍُري جو بيت
اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ بَرَسي اَپارَ،
وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.
سمجهاڻي
هنن (عاشقن) جي اندر ۾ ڪڪرن جو ڪارونڀار آهي (جيڪي پيا هلن ۽ وسن) پر ٻاهر مينھن جي هڪڙي بوند بہ نظر نٿي اچي (هو اندر ۾ ويٺا لڙڪ لاڙين). جن جو سڄڻ هنن سان گڏ ناهي، اهي اکيون ڪڏهن بہ بس نہ ڪنديون.
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1839
اَندَّرِ ڄُرُ ڄُوْرَ وَهٖيْ ٻَھْرِ بَرَسٖيْ اَپَارَ﮶
وَرَجَنِ جَا پَارَ تَنِجِيٌ اُوْڪَانِيٌ اَکِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अन्दरि झुड़ु झोर वहे। ब॒हरि बरसे अपार।
वर जनि जा पार। तनि जूं ओकाणियूं न अखियूं।
ROMAN SINDHI
andar'ay jhurr'u jhor'a wahay, Bahar'ay barasay apaar'a,
war'a jan'ay jaa paar'a, tan'ay joo'n aokaanniyoo'n na akhhiyoo'n.
TRANSLATIONS
Inwardly it is all raining monsoonish and outwardly too it is drizzling well. The eyes of that person never get drowsy or dry with whom the Friend is present in their heart. (He hardly goes to sleep, but keeps weeping before the Lord).
It rains heavily inside me and so it outside,
Those whose lovers beside them their eyes aren't ever tearful.
اندر جھڑیاں باہر وسے بونداں دے انبار
کول جیہناں دے یار، سویو نہیں رجدیاں اکھیاں
من کے بیچ بھی برکھا رت ہے، باہر بھی ہے برکھا،
جن کے من میں پیارا، ان کی روشن آنکھیں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection