ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي آگمجڻ جو بيت
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَھ ڏِينھَنِ کانيا.
سمجهاڻي
اڄ بہ آسمان ۾ اتر کان ڪارا ڪڪر مٿي چڙهي آيا آهن. اهو ئي مالڪ آهي جيڪو وڏا ڏار ڏرا ۽ چلها (تلاءَ) جيڪي سخت گرميءَ ۾ جھڙوڪ سڙي سُڪي ويا هئا، مينھن وسائي وري ڀري تار ڪري ڇڏيا.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ पणि उतर पार डे॒। ककर थो करे।
वसिओ से भरे। जे ड॒ड़ह डीं॒हनि खांया।
ROMAN SINDHI
Aj pinh utar paar de, kakar tho kare,
Wisoh see pare, je darh dhein khanya.
.
TRANSLATIONS
Today too clouds are being formed on the northern horizon. Later it rained and filled up depressions and creeks which had remained absolutely high and dry for a long time.
He it is who sends down water from the sky in proportion and enlivenes the parched land therewith to that extent. (11, AI-Zukhruf).
Today too clouds are gathering towards north,
may the rain fill creeks and dry depression of scorched earth.
پھر اُتر کی اور سکھی ری! جھومے مست سحاب،
لہر لہر تالاب، چیخ گئی تھی پیاسی دھرتی۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection