ڳُجهو بابت
معنيٰ
لڪل، اندريون، مخفي، خفيه، گُپت. اولائتو ، سانڍَ وارو ، پوشيدو ، روءِ پوش، اڻ چُئڻو. ظرف. پنهنجي پَر ۾ ، لڪائي ، چوريءَ ، ماٺ ميٺ ۾.
Secret, confidential, classified, unknown etc
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي، پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي، اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي وِسارِيان، سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي، سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ٿَران ٿاريلو آيو، ڏيھَ جو ڏيھائِي، تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي، ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ ڪَڄاڙِئو کاءِ، ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ، اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]