ڳُجهو جي سنڌي معنيٰ
لڪل، اندريون، مخفي، خفيه، گُپت. اولائتو ، سانڍَ وارو ، پوشيدو ، روءِ پوش، اڻ چُئڻو. ظرف. پنهنجي پَر ۾ ، لڪائي ، چوريءَ ، ماٺ ميٺ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Secret, confidential, classified, unknown etc
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڳُجهو جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي وِسارِيان،
سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 17 ]
سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 17 ]
ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ،
آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ،
چُئان تِيئَن چَئيجِ، تَہ کِيانتا خُوشِ ھُئين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 1 ]
آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ،
چُئان تِيئَن چَئيجِ، تَہ کِيانتا خُوشِ ھُئين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 1 ]
ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي،
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
ٿَران ٿاريلو آيو، ڏيھَ جو ڏيھائِي،
تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي،
ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،
ڳُجهو ڳالَهائِي، گَڏِجان کامويَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 8 ]
تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي،
ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،
ڳُجهو ڳالَهائِي، گَڏِجان کامويَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 8 ]
ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ ڪَڄاڙِئو کاءِ،
ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ،
اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ ريجَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 26 ]
ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ،
اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ ريجَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 26 ]
English Meaning
Secret, confidential, classified, unknown etc