گهاءُ بابت
معنيٰ
ڌَڪ، ڦٽ، چِيرُ، چَھَڪَ، وَڍُ، ضَربَ، زخم، خال، ٻرڙ، ڌَنءُ، چاڪ.
Injury, cut, wound.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون، ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان، گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ، وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ، گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ، گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ، چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ، مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]