ڪُوڙا بابت
معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺا، ڪُساکي، ڪَذاب، کوٽا. فريبي، دغابازَ. جعلي، مصنوعي، بناوتي.
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارُون سي ڪُوڙا، جٖي تو ڪِئا اُنِ سين، ساٿِي سَنڀُوڙا، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھِ وِئا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾، سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ، ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ، ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ، ڪُوڙا ٿِيندُءِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ، سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]