ڪَڙو بابت
معنيٰ
در جي طاقن کي سوگهي ڪرڻ لاءِ ڪنڍو، تاڙي. زنجير جو ھڪ بڻيادي حصو. ٻيڙي وجهڻ لاءِ ڪاڄ، ڪاز.
A wicker or reed frame for doors, walls etc. A hurdle. A mat of woven wattles placed in bottom of boats.
بيتن ۽ وائين ۾
- مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ، سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ، تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُھِين، سونَ ڪَڙولا سَنگهَرُون، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ، آيَلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ، مِليَسِ تَہ مِلياسِ،…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو، مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَڙولَ، اُٿِي آڌِيءَ راتِ جو، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، ڳوٺِ ڪِجا اُنِ ڳولَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- اَکِيُنِ کي اُتومِ، مَتان اِتِ اَڙو، ڪُنجِي ڪُرفُ ڪَڙو، ٽيئي ھَٿِ حَبِيبَ جي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ، ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ، مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين، سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ، ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]