ڪَرِينِ بابت
معنيٰ
ڪجهہ ڪنِ
They do
بيتن ۽ وائين ۾
- مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ، ساٿُ نِباھِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ، وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ، ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ، شَناوَرَ سامِها، سِيڻاھِيا نَہ سَنڊينِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾، آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ، توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ، جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ، اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ، لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا، مَٿان آئِي مُندَ، اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ، هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]