چِتان بابت
معنيٰ
دل تان، من تان، دل مان، اندر مان
By core of heart or mind
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو، مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان، چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ، اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ، پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ، قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ، ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- لاھِيان جٖي نَہ چِتان، اَلا اُنِ مَ وِسِراَن، مَڙِهئو مَنجهاران، جِيءُ مُنھِنجو جَنِ سين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- چِتان جٖي نَہ چُرَنِ، اَلا اُنِ مَ وِسِران، مُون مَنُ آھي تَنِ مَڙِهئو مَنجهاران ھِنيين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي چِتان لاھِ، تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]