چَري بابت
معنيٰ
گاھُ وغيرہ کائي. چِني (چوپائي جانورن جي کائڻ لاءِ لفظ ”چرڻ“ جو ٻول)
Eating grass. (used for animals)
بيتن ۽ وائين ۾
- سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ، ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ، اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا، ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي، چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇڏِئو تان ڇيڪَ ٿِئي، کَهارَيان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ، ڏاوَڻِ تَنھِن ڏانِئينسِ، جِيئَن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻُو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاڻُو، مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو، ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو، لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو، ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري، سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري، مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين نَہ موڪَ، اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ، لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري، ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ، اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پاءُ، مَيو تَنھِن ماڳاءُ، ڏيھاڻِي ڏارَ چَري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا، ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ، جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَڳَرَ اُڪِيري، سَرُ سارِئو سُورَ چَري، جُهري جِهڄَندي ڏي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- سَڱِيڻِي تَہ اُوچَ سَڱِيڻي، نيچَ سَڱِيڻِي تَہ ڪِرتِ وِراھُ، جيلانهَن ڪيھَرِ سين مائِٽِي، تيلانهَن ڪَنسِرَ چَري گاھُہ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]