چاڙھي بابت
معنيٰ
رکي، سوار ڪري، اڇلي، ڦٽي ڪري، مٿي ڦٽي ڪري
To place, to put
بيتن ۽ وائين ۾
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو…[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون، اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ، تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ، ٻِجُ کَڻِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- وارو مُون وَڻاھُ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِئو، اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ، چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ، چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ، جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]