چاڙھي جي سنڌي معنيٰ
رکي، سوار ڪري، اڇلي، ڦٽي ڪري، مٿي ڦٽي ڪري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To place, to put
چاڙھي جا بيتن ۾ حوالا
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]
سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون،
اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 18 ]
اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 18 ]
جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ،
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو دَمُ،
ميڙي ميندِيءَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، پَلَيءِ، راتِ لَڳَڙِي وَڃُ،
مُون تَوِھِين سين نَہ ڪِئو، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ سَڱُ،
جان ڪوھِيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئِي نَہ ڀَنگُ،
[ سُر ڪوھياري، وايون، 7 ]